لهجو
’ڀاشا‘ معنيٰ ٻولي (Language) ۽ ’اُپڀاشا‘ معنيٰ ٻوليءَ جو ننڍو لهجو (Dilaect). اهو تفاوت اهڙو آهي جهڙو جبل ۽ ٽَڪريءَ جي وچ ۾ تفاوت. چوڻي آهي ته ’ٻارهين ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻِي‘اهو پهاڪو دنيا جي سڀني ٻولين سان هڪجهڙو لاڳو آهي. مثلاً: رڳو سکر ضلعي ۾ ئي ڏسجي ٿو، ته شڪارپور جي ٻولي هڪڙي، سکر ۽ روهڙيءَ جي ٻي ۽ اُٻاوڙي طرف جي وچائين ٽين. انهيءَ ڪري هيءَ به چوڻي آهي ته’سنڌ ۾ چپي چپي تي ٻولي ٻي.‘ائين ٿوري ٿوري پنڌ تي وڏو فرق اول اچارن ۾ آهي [1]
لهجو (Dialect)، ”لهجو ٻوليءَ جي انهيءَ مخصوص نموني کي چئجي ٿو، جيڪو معياري ٻولي (Standard Language) کان ڍنگ (Style)، ڍار (Intonation) ۽ اچار (Pronunciation) ۾ ٿورو مختلف هجي. سنڌءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“. مطلب ته هر ٻوليءَ ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي بعد ٻوليءَ جي محاوري يا (Dialect) ۾ تفاوت اچي وڃي ٿو. اتر سنڌ جو لهجو ٿر کان مختلف آهي. لاڙ جو لهجو ڪوهستانيءَ کان مختلف آهي، مطلب ته لهجو ڳالهائڻ جو خاص طريقو آهي. [2].
مکيه ٻوليءَ جي شاخ، ننڍي ٻولي، لهجو. مثال طور ٿري، ڪوهستاني، لاڙي، ڪڇي، سريلي سنڌي ٻوليءَ جون اپ ڀاشائون آهن. [3]
لهجن جو ٺهڻ
[سنواريو](Farmation of Dialect):مختلف لهجن جي ٺهڻ جا ڪيترائي سبب آهن. موجوده دؤر ۾ آمدرفت ، سائنسي ايجادن، وڌندڙ شهري ماحول، وڌندڙ تعليمي علم، پاڙيسري ٻولين جي اثر وغيره جي ڪري لهجاٺهن ۽ تبديل ٿين ٿا. لسانيات جي ماهرن لهجن لاءِ مختلف اصول ٺاهيا آهن. جن ۾ هيٺيان اهم آهن: (1) حاڪمن جي ٻولي، (2) ساڳي حڪومت، (3) سياسي حالتون، (4) سماجي ۽ مذهبي ميل جول، (5) وڻج واپار ۽ سياسي ناتا، (6) ساڳيون جاگرافيائي حالتون، (7) آبهوا، (8) باهمي شاديون، (9) ساڳيا رسم و رواج، (10) آباديءَ جي لڏپلاڻ وغيره. [2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ 2.0 2.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي